پاڪستان کان سعودي عرب لاءِ حج اڏامون بغير ڪنهن وقفي جي جاري آهن.
مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب پهرين 7 ڏينهن ۾ 59 پروازن ذريعي 15 هزار 26 عازمين حج مديني منوره پهتا، 22 سئو پاڪستاني حاجين کي ڇنڇر تي 8 اڏام ذريعي مدينه منوره پهچايو ويندو.
80 مذهبي امور، 50 حج ميڊيڪل مشن ۽ 134 ٻيا سرڪاري ملازم مختلف خدمتون سرانجام ڏيڻ لاءِ خدام الحجاج طور سعودي عرب پهچي ويا آهن. مين ڪنٽرول آفيس، ايئرپورٽ استقبال، کاڌو، رهائش، ٽرانسپورٽ، رياض الجنة، مڪي جي روانگي، نقصان ۽ وصولي، ڪال سينٽر، شڪايتون کاتو 24 ڪلاڪ مصروف آهن.
ترجمان موجب 4 هزار 611 پاڪستاني حج پانڌيئڙن رياض حج جي سعادت حاصل ڪئي. گم ٿيل ۽ بحالي واري کاتي کي هڪ حاجي، 14 ويل چيئر ۽ 673 ٿيلها مليا ۽ انهن کي منزل ڏانهن پهچايو.
پاڪستان حج ميڊيڪل مشن 288 ماڻهن کي او پي ڊي، 5 کي ڏندن جي، 4 کي اي سي جي جي سهولت فراهم ڪئي.


