ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس مقابلا، 3 ڌاڙيل مارجي ويا، 2 زخمين سميت گرفتار

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪراچي:

شهر قائد جي علائقي لياقت آباد ۽ نيو ڪراچي ۾ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلي دوران 3 جوابدار مارجي ويا، جڏهن ته 2 جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.

ڊسٽرڪٽ سينٽرل پوليس جي ترجمان موجب لياقت آباد ٿاڻي جي حد ۾ شاهين فورس ۽ اسٽريٽ ڪرائم ۾ ملوث جوابدارن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.

اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار شهري کي ڦر ڪري رهيا هئا، اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي، جنهن دوران جوابدارن فائرنگ شروع ڪري ڏني.

جوابي ڪارروائي ۾ 2 ڌاڙيل مارجي ويا. مارجي ويل جوابدارن جي قبضي مان هٿيار، موبائل فون ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سڃاڻپ جو عمل جاري آهي.

ٿاڻي جي حد سپرمارڪيٽ ڀرسان ليم ڊپو وٽ پوليس ۽ جوابدارن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو. پوليس موجب گشت دوران جوابدارن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو ويو پر هنن فائرنگ ڪري ڏني. جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويو.

مارجي ويل جوابدارن جي قبضي مان هڪ پستول، موبائل فون، پرس ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته فرار جوابدارن جي ڳولا جاري آهي. ٻئي طرف نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا ۾ لياري ندي وٽ صديق آباد قبرستان ويجهو پوليس ۽ مبينا اسٽريٽ ڪرمنلز ۽ منشيات فروشن وچ ۾ فائرنگ جو ڏي وٺ ٿي.

پوليس موجب مقابلي دوران زخمين سميت 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ اشرف الله ولد عبدالخالق ۽ راز محمد طور ٿي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي قبضي مان منشيات، آئس سميت هڪ پستول، روڪ رقم ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته زخمي جوابدار کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ضلعي سينٽرل جي ترجمان موجب سمورن واقعن ۾ ملوث جوابدارن جو ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي ۽ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment