ڪراچي جي علائقي سرجاني ٽائون ۾ عورت مصباح جي قتل ڪيس ۾ پوليس اهم اڳڀرائي ڪندي سندس مڙس سلمان کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس اختيارين موجب واقعو 12 جون تي سرجاني ٽائون سيڪٽر 11-ڊي ۾ پيش آيو، جتي مصباح کي سندس والدين جي گهر ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو.
جاچ موجب گهريلو تڪرار تان گرفتار جوابدار سلمان پنهنجي 4 نامعلوم ساٿين سان گڏ مقتول جي گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ مصباح مارجي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس سرجاني ٽائون ٿاڻي ۾ مقتولا جي پيءُ ابوبڪر جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ مڙس سلمان ۽ سندس 4 نامعلوم ساٿين کي نامزد ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.


