سنڌ جي سائنس ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزير سان ورلڊ بينڪ جي اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

ڪراچي ۾ سنڌ جي سائنس ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري صوبائي وزير علي راشد سان ورلڊ بينڪ جي اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران صوبي ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس ذريعي ڊجيٽل صلاحيتن، ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل جاري قدمن ۽ جدت جي فروغ ۽ جديد ڊجيٽل ايڪو سسٽم تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي سنڌ جي آئي ٽي وزير علي راشد چيو ته سنڌ حڪومت نوجوانن کي جديد ڊجيٽل صلاحيتن سان آراسته ڪرڻ ۽ صوبي کي ٽيڪنالاجي ۽ جدت جو مرڪز بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي.

هن چيو ته AI جي تياري، ڊجيٽل ٽريننگ ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل موقعا مستقبل جي معيشت لاءِ ناگزير آهن.

ورلڊ بئنڪ جي وفد سنڌ حڪومت جي ڊجيٽل ويزن ۽ ٽيڪنالاجي جي فروغ لاءِ جاري قدمن کي ساراهيو ۽ گڏيل تعاون جي مختلف پهلوئن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment