ڪراچي ۾ موسم انتهائي گرم ۽ خشڪ رهي. سنڌ ۾ سخت گرمي جي لهر جاري آهي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

عيد جي ٻئي ڏينهن به شهر قائد ۾ موسم سخت گرم ۽ خشڪ آهي، جڏهن ته سڄي صوبي ۾ سخت گرمي جي لهر به برقرار آهي.

موسميات کاتي موجب اڄ ڪراچي جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 29.2 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته صبح جي وقت هوا ۾ نمي جو تناسب 75 سيڪڙو رهيو.

موسميات ماهرن جو چوڻ آهي ته اڄ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته تيز هوائن سان گڏ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي.

موسميات کاتي موجب صوبي جي اڪثر ضلعن ۾ وچولي کان سخت گرمي جي لهر 31 مئي تائين برقرار رهڻ جو امڪان آهي.

هوڏانهن سکر، شڪارپور، قمبر شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، موهن جو دڙو، دادو، شهيد بينظير آباد، گهوٽڪي، خيرپور ۽ نوشهروفيروز ۾ به گرمي پد 47 کان 50 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌي سگهي ٿو.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ٿرپارڪر، بدين، حيدرآباد، مٽياري، ٽنڊي محمد خان، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، ڄامشورو ۽ سانگهڙ جي ضلعن ۾ گرمي پد 44 کان 47 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌڻ جو امڪان آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment