راولپنڊي هاءِ ڪورٽ جي بينچ چکوال ۾ سي سي ڊي هٿان 9 ورهين جي هانيا جي قتل جي جوڊيشل انڪوائري جي درخواست رد ڪندي ڪيس ڊي جي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ درخواست گذار کي قانون موجب فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ جي جسٽس صداقت علي خان 9 ورهين جي هانيا جي قتل جي جوڊيشل انڪوائري ۽ ايف آءِ اي کان جاچ بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
پوليس عملدارن عدالت آڏو موقف اختيار ڪيو ته هانيه قتل واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جوابدار کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن تي عدالت رٽ درخواست نمائڻ دوران ڪيس ڊي جي ايف آءِ اي کي موڪلي ڇڏيو، عدالت ڊي جي ايف آءِ اي کي حڪم ڏنو ته درخواست تي قانون موجب فيصلو ڪيو وڃي، جڏهن ته چکوال سانحي جي جوڊيشل انڪوائري بابت درخواست رد ڪري ڇڏي.
گذريل ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سينيئر وڪيل آصف محمود ميان پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته سي سي ڊي 9 ورهين جي هانيا کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو، پاڪستاني نژاد آسٽريلوي خاندان کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو ويو.
هي واقعو شهرين جي بنيادي حقن تي سنگين حملو ۽ رياستي ادارن جي اختيارن جي استعمال تي سواليه نشان آهي. چکوال سانحو هڪ خاندان جو نه پر سڄي پاڪستان جي عوام جي بنيادي حقن جو مسئلو آهي، ان ڪري انصاف لاءِ آزاد عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو حڪم ڏنو وڃي.


