امن ڳالهيون: اسرائيلي جارحيت سبب ايران به سوئٽزرلينڊ جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


آمريڪا کانپوءِ ايراني عملدارن به امن ڳالهين لاءِ سوئٽزرلينڊ جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب ايراني پرڏيهي وزارت نيوز ايجنسي کي ٻڌايو ته سوئٽزرلينڊ جو دورو لبنان ۾ اسرائيل جي جاري جارحيت سبب ملتوي ڪيو ويو آهي.

آزاني ذريعن موجب ڳالهين جي جاءِ اڃا طئي ناهي ٿي سگهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته لبنان تي اسرائيلي فوج جي حملي ۾ اڄ به 16 ڄڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته هي تازي بمباري گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ شديد بمباري آهي.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته عباس عراقچي به چيف مذاڪرات ڪندڙ باقر قاليباف سان گڏ وڃڻ لاءِ تيار هو پر آخري وقت ۾ دورو ملتوي ڪيو ويو.

ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر ۽ چيف مذاڪرات ڪندڙ محمد باقر قاليباف پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا سان ڳالهيون تهران جي ”ريڊ لائينز“ جو پابند هوندو ۽ دشمن کي تباهه ڪندڙ جواب ڏيڻ کان گريز نه ڪندو.

هن چيو ته ايران ماضي جيان پنهنجي حالت تي قائم رهندو، ايران قومي مفادن ۽ مقرر ڪيل ريڊ لائينن تي ثابت قدم رهندو، جيڪڏهن دشمن حد کان وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته ثابت ڪنداسين ته اسان جون آڱريون اڳي وانگر آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment