پاڪستان ريلوي هڪ وڏو قدم کڻندي عيد الاضحيٰ جي موقعي تي 3 اسپيشل ٽرينون هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. عيد جي خاص ٽرينن ۾ 7 کان 8 ڪوچون هونديون. شيڊول موجب پهرين ٽرين ڪوئيٽا کان ڪراچي 23 مئي تي هلندي جڏهن ته ٻي عيد ٽرين 24 مئي تي ڪراچي کان راولپنڊي کان ٿيندي ملتان، فيصل آباد ۽ سرگوڌا ٿيندي، اهڙي طرح ٽين اسپيشل ٽرين ڪراچي کان لاهور 25 مئي تي رواني ٿيندي، ياد رهي ته عيد جي موقعي تي پهريون ڀيرو پشاور کي نظر انداز ڪيو ويو هو. عيد تي ڪراچي، لاهور ۽ ڪوئيٽا کان پشاور تائين ڪا به ٽرين نه هلندي.
Source link

عيد الاضحيٰ تي 3 اسپيشل ٽرينون هلائڻ جو اعلان، شيڊول به جاري
Leave a Comment Leave a Comment

