لاهور ۾ سي سي ڊي جي ڪارروائي ۾ 3 منشيات فروش مارجي ويا

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


لاهور:

سي سي ڊي پنجاب ٻن مختلف علائقن ۾ مبينا پوليس مقابلن دوران 3 مبينا منشيات فروش مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته ڪيترائي جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن.

پوليس موجب پهرين ڪارروائي ڊفينس واري علائقي ۾ ڪئي وئي جتي سي سي ڊي ماڊل ٽائون ٽيم هڪ شڪي گاڏي ۾ سوار 4 ڄڻن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو.

اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪئي، جنهن تي جوابي ڪارروائي ڪئي وئي.

فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 جوابدار موقعي تي ئي مارجي ويا، جڏهن ته سندن 2 ساٿي گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويا.

پوليس موجب مارجي ويل جوابدارن جي سڃاڻپ ساجد ۽ سجاد طور ٿي آهي، جيڪي ڀائر هئا ۽ ضلعي راجن پور جا رهواسي هئا.

اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته ٻنهي ڀائرن جو تعلق پنجاب ۾ منشيات جي هڪ وڏي نيٽ ورڪ سان هو.

ٻيو مبينا مقابلو چوهنگ جي علائقي ۾ ٿيو، جتي سي سي ڊي چوهنگ ۽ مبينا منشيات فروشن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. پي

وليس موجب آپريشن دوران هڪ جوابدار جي سڃاڻپ عمر خان جي نالي سان ٿي آهي.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻنهي واقعن ۾ فرار جوابدارن جي ڳولا جاري آهي، جڏهن ته مارجي ويلن جي ڪرمنل رڪارڊ ۽ نيٽ ورڪ بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment