ڪراچي:
شهر قائد جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جي واقعن ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. تفصيل موجب شاهه لطيف ٽائون جي نور محمد گاٿ سيڪٽر 30 اي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 18 ورهين جو وزير علي زخمي ٿي پيو، جنهن کي طبي امداد لاءِ جناح اسپتال نيو ويو.
شاهه لطيف ٽائون پوليس جو چوڻ آهي ته فوري طور تي فائرنگ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي، نوجوان جو بيان رڪارڊ ڪيو پيو وڃي.
گلستان جوهر جي علائقي بلاڪ 11 بلاچپارا گهٽي نمبر هڪ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 50 ورهين جو ڪريم نالي شخص زخمي ٿي پيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي اطلاعن موجب واقعو ذات پات جي تڪرار دوران پيش آيو، جنهن جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
هوڏانهن اورنگي ٽائون جي قائد عوام ڪالوني ۾ گهر اندر گوليون لڳڻ سبب 19 ورهين جو اصغر شاهه زخمي ٿي پيو، جنهن کي طبي امداد لاءِ عباسي شهيد اسپتال نيو ويو.
مومن آباد پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو اڻڄاتل طرف کان فائرنگ جو واقعو ٻڌايو پيو وڃي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.


