محسن نقوي ۽ ايراني پرڏيهي وزير وچ ۾ آمريڪا سان معاهدي کانپوءِ جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



وفاقي گهرو وزير محسن نقوي تهران ۾ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ملاقات دوران آمريڪا سان معاهدي کانپوءِ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جڏهن ته ٻئي اڳواڻ ڳالهين لاءِ سوئٽزرلينڊ روانا ٿيندا. گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب گهرو وزير محسن نقوي تهران ۾ عباس عراقچي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ معاهدي کانپوءِ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي تهران پهچڻ تي ايران جي گهرو وزير سڪندر مومني ايئرپورٽ تي سندس آجيان ڪئي ۽ تهران ۾ ٻنهي گهرو وزيرن وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ معاهدي کي خطي ۾ پائيدار امن لاءِ هاڪاري پيش رفت قرار ڏنو. رپورٽ موجب ايران جو چيف مذاڪرات ڪندڙ ۽ پرڏيهي وزير عباس عراقچي اڄ رات سوئٽزرلينڊ روانو ٿي رهيو آهي ۽ ان سان گڏ پاڪستان جو گهرو وزير محسن نقوي به گڏ هوندو. ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب ايراني وفد سوئٽزرلينڊ ۾ ٻئي ڌر سان ملاقات ڪندو، ملاقات جو مقصد معاهدي تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ ۽ ٻئي ڌر جي سنجيدگي کي جانچڻ آهي. ترجمان جو چوڻ هو ته ايراني وفد سوئٽزرلينڊ ويندو ۽ ٻئي ڌر کان مطالبو ڪندو ته هو پنهنجن واعدن تي عمل ڪري ۽ واضح ڪندو ته ايران معاهدي جي تعميل ۾ ڪيترو سنجيده آهي. سوئٽزرلينڊ جي دوري کي علائقائي ڇڪتاڻ جي تناظر ۾ اهم قرار ڏنو پيو وڃي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment