ڪراچي:
عالمي ۽ مقامي منڊي ۾ اڄ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي جڏهن ته چاندي جي قيمت ۾ ڪا تبديلي ناهي.
عالمي بلين مارڪيٽ ۾ ڇنڇر جي ڏينهن سون جي قيمت ۾ 22 ڊالر في اونس گهٽتائي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ نئين عالمي قيمت 4,508 ڊالر ٿي وئي.
عالمي مارڪيٽ جي اثر هيٺ 24 قيراط في تولو سون جي قيمت ۾ 2200 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي، جنهن سان نئين قيمت 4 لک 73 هزار 162 رپين جي سطح تي اچي وئي آهي.
اهڙي طرح ملڪ ۾ سون جي في 10 گرام جي قيمت ۾ 1886 رپيا گهٽتائي کانپوءِ نئين قيمت 4 لک 5 هزار 660 رپيا ٿي وئي.
سون جي اگهه ۾ گهٽتائي سان عالمي مارڪيٽ ۾ چاندي جو اگهه 75 ڊالر 50 سينٽ تي برقرار رهيو، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ چاندي جو في تولو اگهه 8 هزار 34 رپيا تي برقرار رهيو، جڏهن ته في 10 گرام چاندي جو اگهه به 6 هزار 887 رپيا تي برقرار رهيو.


