ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستاني مردن ۾ منہ جي ڪينسر جي شرح سڀ کان وڌيڪ آهي، انڪشاف

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


صحت جي عالمي اداري ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي هڪ رپورٽ موجب سڄي ڏکڻ ايشيا ۾ منہ جي ڪينسر جي شرح پاڪستاني مردن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي.

ملڪ ۾ هن ڪينسر جي شرح اٽڪل 4 سيڪڙو آهي جڏهن ته ڪراچي ۾ اها شرح 30 سيڪڙو تائين وڌي وئي آهي جنهن سبب گٽڪي جو استعمال وڌيڪ آهي، ڪراچي ۾ هر پنجون ماڻهو گٽڪي، مين پوري ۽ ماوا جو عادی آهي.

2021 ۾ شريف گوڙ پوليس محمد طاهر نالي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو. پوليس موجب سندس گهر مان وڏي مقدار ۾ گٽڪو ۽ ماوا ٺاهڻ جو سامان هٿ ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ماوا پيڪنگ مشين، ماوا ملائڻ واري مشين، 100 ڪلو ڀاڻ، 6600 گرام تمباکو، 20 ڪلو ليمو، 64 ڪلو چائنا پائوڊر، 26 ڪلو تيار ڪيل ڪيميڪل 015 گرام ۽ تيار ڪيل مادو هٿ ڪيو ويو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جوابدار محمد طاهر جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي وئي پر گٽڪي جو ڪاروبار ڪندڙ اڪثر جوابدار سزا کان بچي ويا.

قانوني ماهرن موجب پوليس جي ناقص جاچ ۽ ڪمزور پراسيڪيوشن سبب رڳو 5 سيڪڙو گرفتار جوابدارن کي عدالتن مان سزا ملي آهي. سنڌ پوليس جي انگن اکرن موجب سال 2019 ۾ گٽڪي جا 10 هزار 194 ڪيس داخل ٿيا، جن مان 5 هزار 500 ڪيس اڃا التوا ۾ آهن. اهڙي طرح 2025ع جي آخر ۾ 145 گٽڪا ڊيلر گرفتار ڪيا ويا پر اڃا تائين ڪنهن کي به سزا ناهي ملي.

سنڌ پوليس جي ترجمان موجب تازو ئي آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ گٽڪو ۽ ماوا وڪرو ڪندڙن خلاف جاري آپريشن کي وڌيڪ تيز ۽ موثر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment