25 ڪلوواٽ کان گھٽ شمسي صارفين لاءِ فيس ۽ لائسنس جي شرطن جي خاتمي سان لاڳاپيل اهم پيش رفت

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري جي هدايت تي پاور ڊويزن نيپرا کان 25 ڪلوواٽ کان گهٽ بجلي پيدا ڪندڙ صارفين جي فيس ۽ لائسنس جي شرط کي ختم ڪرڻ لاءِ باضابطه نظرثاني جي درخواست ڪئي آهي. پاور ڊويزن موجب 2015ع جي پراڻي ضابطن موجب 25 ڪلوواٽ يا ان کان گهٽ جي سولر سسٽم لاءِ نيپرا جي لائسنس جي ضرورت نه هئي، جڏهن ته ڊسٽري بيوشن ڪمپنين طرفان درخواستن تي مفت عمل ڪيو ويندو هو. جڏهن ته نئين پروزيومر ريگيوليشن تحت ننڍن سولر صارفين لاءِ منظوري جو اختيار به نيپرا کي ڏنو ويو آهي ۽ ايپليڪيشن فيس به لاڳو ڪئي وئي آهي. پاور ڊويزن دليل ڏنو آهي ته تبديلي گهريلو صارفين لاءِ غير ضروري بيوروڪريسي رڪاوٽون پيدا ڪيون آهن، جڏهن ته قابل تجديد توانائي جي فروغ جون ڪوششون به متاثر ٿي سگهن ٿيون. باڊي موجب، پرائيويٽ پاور اينڊ انفراسٽرڪچر بورڊ (پي پي آءِ بي) پڻ ان مسئلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ 25 ڪلوواٽ يا ان کان گهٽ جي سسٽم لاءِ پراڻي منظوري واري نظام کي برقرار رکڻ جي حمايت ڪئي. عوامي ٻڌڻي دوران پاڪستان سولر ايسوسيئيشن، پاڪستان آلٽرنيٽو انرجي ايسوسيئيشن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن به انهن تبديلين تي اعتراض ڪيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته ڊسٽري بيوشن ڪمپنين کان بجلي واپس وٺڻ سان صارفين جون مشڪلاتون وڌي رهيون آهن. پاور ڊويزن نيپرا کي چيو آهي ته 25 ڪلوواٽ يا ان کان گهٽ جي سسٽم لاءِ پراڻو سسٽم بحال ڪيو وڃي ته جيئن قابل تجديد توانائي جي واڌاري ۾ رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن.



Source link

Share This Article
Leave a Comment