نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) راولپنڊي عورت کي آن لائن بليڪ ميل ڪرڻ ۽ جنسي استحصال ۾ ملوث هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اختيارين موجب اين سي سي آءِ اي راولپنڊي جي سب انسپيڪٽر امجد بلال جي ٽيم اسلام آباد جي علائقي ساهيوال مان جوابدار عمير ادريس کي گرفتار ڪري ورتو. هن چيو ته جوابدار جعلي انسٽاگرام آءِ ڊي ذريعي عورت کي فحش وڊيوز ٺاهي بليڪ ميل ڪندو هو ۽ سوشل ميڊيا جو استعمال ڪندي ان وڊيوز جي بنياد تي عورت کي ڌمڪيون ڏئي حراسان ڪندو رهيو آهي. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي جي ٽيم جوابدارن وٽان 2 موبائيل فون پڻ هٿ ڪيا آهن ۽ جوابدارن خلاف پيڪا ايڪٽ سميت مختلف شقن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته عدالت مان جوابدار جو رمانڊ حاصل ڪيو ويو آهي ۽ جاچ آفيسر سب انسپيڪٽر امجد بلال جاچ ۾ مصروف آهي. ايڊيشنل ڊائريڪٽر اين سي سي آءِ اي احسان الله چوهاڻ جي هدايتن تي ڊپٽي ڊائريڪٽر مدثر شاهه جي نگراني ۾ اين سي سي آءِ اي عورتن جي استحصال ۾ ملوث عنصرن خلاف زيرو ٽالرينس جي پاليسي تحت سرگرم آهي.
Source link

اسلام آباد؛ آن لائن بليڪ ميلنگ، عورت سان زيادتي ۾ ملوث جوابدار گرفتار
Leave a Comment Leave a Comment

