ڪراچي:
شهر قائد جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جا ٻه واقعا پيش آيا، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو.
پهريون واقعو طارق روڊ، ڪُرتا اسٽريٽ تي واقع هڪ فليٽ ۾ ٿيو، جتي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.
ريسڪيو عملدارن موجب فوتي جو لاش فوري طور تي جناح اسپتال پهچايو ويو، جتي سندس سڃاڻپ 30 ورهين جي مجتبيٰ طور ٿي.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته شروعاتي اطلاعن موجب واقعو خودڪشي جو نتيجو لڳي ٿو، پر سمورن رخن کان جاچ جاري آهي.
ٻيو واقعو نيو ميانوالي ڪالوني ۾ پيش آيو، جتي ايل پي جي جي دڪان تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. زخمين کي فوري طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس ٻنهي واقعن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته فائرنگ جي ڪارڻ ۽ جوابدارن بابت ڄاڻ گڏ ڪري ورتي آهي.


