چيني اخبار سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ انڪشاف ڪيو آهي ته چين جي پهرين اسٽيلٿ جهاز J-35AE جو نئون ماڊل چيني هوائي فوج جي بدران سرڪاري ايجنسي ايوي ايشن انڊسٽري ڪارپوريشن آف چائنا جي لوگو سان تيار ڪيو ويو آهي.
ساڳي ڪمپني چين جي جنگي جهازن کي ٻاهرين ملڪ وڪرو ڪري ٿي. اخبار موجب چيني حڪومت J-35AE برآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ پهريون امڪاني خريدار پاڪستان هوندو جيڪو 80 سيڪڙو هٿيار چين کان خريد ڪندو آهي.
جيڪڏهن پاڪستان کي هي پنجين نسل جو اسٽيلٿ جهاز ملي ٿو ته نه رڳو ملڪي دفاع مضبوط ٿيندو پر ان ۾ نصب جديد اوزارن جي مدد سان ڀارتي راڊار کي جام ڪرڻ ۽ J-35AE جي موثر ميزائلن سان دشمن جي اهم فوجي تنصيبات کي تباهه ڪرڻ جي صلاحيت حاصل ڪري وٺندو.
هن جهاز جي پاڪستان ايئر فورس ۾ شموليت قومي دفاع کي مضبوط ڪندي پاڪستان ۽ چين دوستي ۽ ڀائيواري جي تاريخ ۾ هڪ نئون باب رقم ڪندي.


