اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ ايران-آمريڪا جنگ بندي بابت امن ڳالهين کي نظر ۾ رکندي ايندڙ اطلاع تائين هر قسم جي نجي ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
اسلام آباد ۾ ايران آمريڪا ڳالهين کان اڳ سڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي ۽ سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا آهن.
عالمي ميڊيا جي نمائندن جي پاڪستان آمد شروع ٿي وئي، پاڪستان عالمي ميڊيا کي ويزا جاري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا، پرڏيهه ۾ پاڪستاني سفارتخانن ۽ هاءِ ڪميشنن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
ذريعن موجب معزز پرڏيهي مهمانن کي خانگي هوٽل ۾ رکيو ويندو، جڏهن ته سڪيورٽي لاءِ 18 هزار اهلڪار مقرر هوندا، جن ۾ پنجاب جا 7 هزار اهلڪار به شامل هوندا.
ڊيوٽي تي موجود پوليس اهلڪارن کي موبائل فون استعمال ڪرڻ جي اجازت نه هوندي ۽ سمورن اهلڪارن کي اينٽي رائٽ ڪٽس استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
سيڪيورٽي انتظامن ۾ اسلام آباد پوليس سان گڏ پاڪستان رينجرز ۽ فرنٽيئر ڪور جا اهلڪار به مقرر هوندا، جڏهن ته ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏيل چيڪ پوسٽون پڻ قائم ڪيون وينديون.
ايئرپورٽ کان هوٽل تائين رستن تي اهم عمارتن تي رينجرز اسنائپرز کي مقرر ڪيو ويندو، جڏهن ته گرين بيلٽس ۽ سروس روڊن کي مڪمل صاف رکيو ويندو.
هدايت ڪئي وئي آهي ته سروس ڪارڊ کانسواءِ ڪنهن به اهلڪار کي رستي دوران ڊيوٽي واري علائقي ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، جڏهن ته هوٽل جي چوڌاري سيڪيورٽي فورسز جا ڪيترائي پڪا قائم ڪيا ويا آهن.
شهرين جي سهولت لاءِ مختلف هنڌن تي ٽريفڪ پوليس اهلڪار مقرر آهن ۽ متبادل ٽريفڪ پلان پڻ ترتيب ڏنو ويو آهي.
اسپيشل برانچ پاران انٽيليجنس مدد فراهم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته سڄي شهر ۾ خاص ڪري رستن وارن علائقن ۾ روڊن جي مرمت جو ڪم پڻ مڪمل ڪيو ويو آهي.
ايران-آمريڪا جنگ بندي ڳالهين کان اڳ راولپنڊي ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته شهر ۾ سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا آهن.
انتظاميا موجب پبلڪ ٽرانسپورٽ هب، گڊز ٽرانسپورٽ، پرائيويٽ رينٽ اي ڪار سروس به في الحال بند رهندي، جڏهن ته وي وي آءِ پي رستن تي مارڪيٽون، گليان، مري روڊ، فيض آباد، ڪمرشل مارڪيٽون ۽ ٻيا ڪاروباري مرڪز به مخصوص وقتن تي بند ڪيا ويندا. روڊن تي نڪرندڙ شادي هالن کي به بند رکڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
سيد خالد محمود همداني جي حڪم تي راولپنڊي پوليس جا 10 هزار کان وڌيڪ اهلڪار سڪيورٽي ڊيوٽي تي مقرر آهن، جڏهن ته 600 کان وڌيڪ اسپيشل پڪٽس قائم ڪري شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن تي سخت نگراني ڪئي پئي وڃي.
ايلٽ فورس، ڊولفن فورس ۽ ٻيا ڪيڪ رسپانس يونٽ گشت تي موجود آهن، جڏهن ته حساس هنڌن تي تربيت يافته اسنائپرز ۽ ايلٽ ڪمانڊوز کي به مقرر ڪيو ويو آهي. سڄي شهر ۾ سرچ، سويپ ۽ انٽيليجنس بنيادن تي ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن ۽ شڪي ماڻهن تي سخت نظر رکي پئي وڃي.
حساس تنصيبات، اهم سرڪاري ۽ خانگي هنڌن ۽ رهائشگاهن جي چوڌاري سڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سيف سٽي ۽ سي سي ٽي وي ڪيمرائن ذريعي 24 ڪلاڪ نگراني جاري آهي.
ٽريفڪ جي روانگي کي برقرار رکڻ لاءِ خاص ٽريفڪ پلان جوڙيو ويو آهي ۽ شهرين کي متبادل رستا فراهم ڪيا پيا وڃن.
سيد خالد محمود همداني جو چوڻ آهي ته فول پروف سيڪيورٽي ۽ شهرين جي جان و مال جي تحفظ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن.
ياد رهي ته آمريڪي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن واشنگٽن ۾ وائيٽ هائوس جي سٽيزن روم ۾ ايران جي صورتحال تي اهم اجلاس ٿيو هو، جنهن جي صدارت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪئي هئي.
رپورٽن مطابق ملاقات ۾ آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس، سيڪريٽري آف اسٽيٽ مارڪو روبيو، سيڪريٽري آف وار پيٽ هيگسٿ، سيڪريٽري خزاني اسڪاٽ بيسنٽ ۽ وائيٽ هائوس جي چيف آف اسٽاف سوزي وائلز شرڪت ڪئي.
ان کان علاوه آمريڪي صدر جو خاص نمائندو اسٽيو وٽڪوف، سي آءِ اي ڊائريڪٽر جان ريٽڪلف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل ڊين ڪين پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.
آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران صدر ٽرمپ پاڪستان جي آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ ايراني اختيارين سان گهٽ ۾ گهٽ هڪ فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ موجوده صورتحال ۽ امڪاني اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات ۾ آبنائے هرمز جي تازي صورتحال ۽ ايران سان جاري ڳالهين جي مستقبل تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ذريعن موجب نائب صدر جي ڊي وينس اسلام آباد ۾ ٿيل تازي ڳالهين ۾ آمريڪي وفد جي اڳواڻي به ڪري سگهي ٿو.
واضح رهي ته آمريڪا-ايران جنگ بندي جو 15 ڏينهن وارو مدو ختم ٿيڻ ۾ صرف ٽي ڏينهن باقي آهن. صدر ٽرمپ اڳ ۾ هن هفتي ممڪن ڊيل جي اميد ظاهر ڪئي آهي، پر ڳالهين لاء نئين تاريخ اڃا تائين اعلان نه ڪيو ويو آهي.
آمريڪا جي هڪ اعليٰ عهديدار خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڳالهين ۾ اڳڀرائي نه ٿي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٻيهر ڇڪتاڻ ۽ جنگ جو خطرو وڌي سگهي ٿو.
ٻئي طرف وائيٽ هائوس طرفان هن اهم ملاقات جي حوالي سان اڃا تائين ڪو به باضابطه بيان جاري ناهي ڪيو ويو.


