خضدار پوليس ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هيڊ ڪانسٽيبل ۽ صوبي جي پهرين عورت ڪانسٽيبل شهيد ٿي وئي جڏهن ته ايڊيشنل ايس ايڇ او ۽ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو. پوليس موجب گذريل ڏينهن باجوئي واري علائقي ۾ پوليس سولر پليٽن جي چوري جي حوالي سان ڇاپا هنيا. دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڪانسٽيبل ملڪ ناز بي بي ۽ هيڊ ڪانسٽيبل سميع الله موقعي تي ئي شهيد ٿي ويا. جڏهن ته ايڊيشنل ايس ايڇ او محمد ابراهيم ۽ ڪانسٽيبل نجيب الرحمان زخمي ٿي پيا. ٻئي طرف دشت ۾ دهشتگردن خلاف سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي ٽارگيٽيڊ آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو جڏهن ته سي ٽي ڊي جي سب انسپيڪٽر سميت 6 جوان سخت زخمي ٿي پيا. فورسز کي ڏسندي دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني ۽ دستي بمن سان حملو ڪيو، جنهن ۾ هيڊ ڪانسٽيبل ايس پي سرياب جو ريڊر رحمت الله موقعي تي ئي شهيد ٿي ويو، جڏهن ته سي ٽي ڊي سب انسپيڪٽر جاويد گل، ڪانسٽيبل نياز احمد، سرياب پوليس جو اي ايس آءِ وقار احمد، هيڊ ڪانسٽيبل نورالله، ڪانسٽيبل عبدالعليم ۽ ڪانسٽيبل عبدالعليم محمد سخت زخمي ٿي پيا.
Source link

بلوچستان: پوليس ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ، صوبي جي پهرين عورت اهلڪار سميت 3 ڄڻا شهيد
Leave a Comment Leave a Comment

