ڪراچي:
شهر قائد ۾ ٽرالر ۽ ٻين حادثن جي نتيجي ۾ 2 عورتن سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.
تفصيل موجب گڊاپ شهر ۾ سپر هاءِ وي تي لڪي سيمينٽ فيڪٽري ويجهو مزدا ٽرڪ ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ مزدا ٽرڪ ۾ سوار هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.
ايڌي ترجمان موجب مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ 37 ورهين جي اڪبر علي ولد اعجاز آصف جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو مزدا ٽرڪ ڪلينر هو.
ٻئي پاسي سائيٽ سپر هاءِ وي نيو سبزي منڊي مٺي موري وٽ اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ 45 ورهين جي عورت ٿڏي تي فوت ٿي وئي. سندس لاش کي ايمبولينس ذريعي عباسي شهيد اسپتال پهچايو ويو. پوليس موجب فوتي عورت جي فوري سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.
هوڏانهن ڪورنگي جي علائقي عوامي ڪالوني نمبر 5 ۾ تاج شادي هال ڀرسان عورت موٽرسائيڪل مان ڪري پئي، جنهن سبب عورت فوت ٿي وئي. سندس لاش کي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال پهچايو ويو.
پوليس موجب عورت جي سڃاڻپ 45 ورهين جي فوزيه زوجه يونس طور ٿي آهي، جيڪا ڪورنگي جي رهواسي آهي. حادثو ان وقت پيش آيو، جڏهن عورت جو برقعو هلندڙ موٽرسائيڪل جي زنجير ۾ ڦاسي پيو، جنهن سبب هوءَ روڊ تي ڪري پئي.
جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.


