ايران خليج فارس ۾ اوشن ڪوئي نالي هڪ آئل ٽينڪر کي قبضي ۾ وٺڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب ايران جي سرڪاري ميڊيا موجب اها ڪارروائي اسپيشل آپريشن ذريعي ڪئي وئي. ايران جو موقف آهي ته ٽينڪر ايراني تيل جي برآمدات ۾ خلل وجهڻ ۽ قومي مفادن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
رپورٽن مطابق ايراني بحريه ۽ انقلابي گارڊ جا اهلڪار ٽينڪر تي سوار ٿيا ۽ ان کي ايران جي ڏاکڻي ساحل ڏانهن منتقل ڪيو. ڪجهه رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته جهاز بارباڊوس جي پرچم هيٺ رجسٽرڊ ڪيو ويو هو ۽ اڳ ۾ ئي آمريڪي پابندين جي تابع هو.
واضح رهي ته هي واقعو هڪ اهڙي وقت ۾ پيش آيو آهي جڏهن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ آبنائي هرمز ۽ نار جي علائقي ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي جڏهن ته تيل جي ترسيل ۽ شپنگ لين جي سيڪيورٽي عالمي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي.


