اسلام آباد:
عدالت آڊيو ليڪ ڪيس ۾ خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي.
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور خلاف آڊيو ليڪ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ڪيس جي ٻڌڻي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج نصر من الله بلوچ ڪئي.
ٻڌڻي دوران عدالت علي امين گنڊاپور جي حاضري کان استثنيٰ جي درخواست منظور ڪري ورتي، پر سندس حاضري کان ڇوٽ نه هئڻ سبب استغاثه جي شاهدن جا بيان رڪارڊ نه ٿي سگهيا. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي استغاثه جي شاهدن کي ٻيهر طلب ڪري ورتو.
عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 18 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ياد رهي ته علي امين گنڊاپور خلاف گولاڙچي ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.


