جاپان ۾ فوجي مشق دوران ٽينڪ کي حادثي جي نتيجي ۾ 3 فوجي مارجي ويا آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب وزير اعظم سانا تاڪيچي چيو ته جاپان جي سيلف ڊفينس فورسز جي ڏکڻ اولهه اويتا علائقي ۾ استعمال ٿيندڙ ٽريننگ گرائونڊ تي نادر حادثي ۾ هڪ ٽينڪ حادثي سان فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ عملدار جا 3 ميمبر مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.
جڏهن ته حادثي جي سببن جي تفصيل جي اڃا تائين جاچ ڪئي پئي وڃي.
وزيراعظم دلي تعزيت جو اظهار ڪندي لکيو ته انتهائي افسوسناڪ آهي ته اهڙو واقعو پيش آيو.


