پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز منشيات فروش انمول پنڪي جي ڪيس تي ايڪشن ورتو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


لاهور:

لاهور مان گرفتار ڪيل انمول عرف پنڪي جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي.

ذريعن موجب پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز ان معاملي تي ڳجهي اداري کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ان حوالي سان پنڪي جي نيٽ ورڪ کان داخل ڪيس تائين سمورا تفصيل به طلب ڪيا ويا آهن.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سي سي ڊي به معاملي جي باضابطه جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد لاهور ۾ داخل ڪيس جي جاچ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ذريعن موجب پنڪي کي ڪيس ۾ طلب ڪري لاهور آندو ويندو.

پوليس موجب ڪيس ۾ جوابدار جي ڀاءُ رياض کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پر جوابدار کي اشتهاري قرار نه ڏنو ويو.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته عورت جي مبينا مڙس ۽ اڳوڻي پوليس انسپيڪٽر کي به طلب ڪيو ويو آهي. سي سي ڊي اڳوڻي پوليس انسپيڪٽر کان ڪيس بابت پڇا ڳاڇا ڪندي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment