ڪراچي:
شهر قائد جي علائقي ڊفينس ۾ خوفناڪ ٽريفڪ حادثو پيش آيو، جتي نامعلوم گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل تي سوار 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا.
ريسڪيو ذريعن موجب حادثو ڊفينس فيز 2 ۾ ڊفينس لائبريري ويجهو پيش آيو، جتي تيز رفتار گاڏي موٽرسائيڪل کي زوردار ٽڪر هنيو.
حادثي جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار ٻئي ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا.
ڇاپو اختيارين جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل ٻارڙن جا لاش ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.
اسپتال ذريعن موجب فوت ٿيل ٻارڙن جي عمر 15 کان 16 سالن جي وچ ۾ آهي پر اڃا تائين سندن سڃاڻپ جو عمل مڪمل نه ٿي سگهيو آهي.


