وفاقي وزير ڄام ڪمال جي فروٽ بيجنگ منصوبي کي وڌيڪ ميون تائين وڌائڻ جي هدايت

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته حڪومت باغباني جي شعبي ۾ ويلو ايڊيشن، سپلائي چين جي بهتري ۽ برآمدات جي فروغ لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي.

واپار واري وزارت ۾ پاڪستان هارٽي ڪلچر ڊولپمينٽ اينڊ ايڪسپورٽ ڪمپني پي ايڇ ڊي اي سي جي ڪارڪردگيءَ جي جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪندي ڄام ڪمال خان فروٽ بيگنگ پروجيڪٽ کي کجور، انگور، آڑو ۽ امرود تائين وڌائڻ جي هدايت ڪئي. هن فروٽ بيجنگ مواد جي مقامي پيداوار لاءِ خانگي شعبي ۽ پيپر انڊسٽري سان تعاون وڌائڻ تي به زور ڏنو.

اجلاس کي ٻڌايو ويو ته فروٽ بيگنگ پروجيڪٽ پاڪستاني ميون جي معيار ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ مقابلي جي صلاحيت ۾ نمايان بهتري آئي آهي. وفاقي وزير بلوچستان ۽ اتر پاڪستان ۾ فريز ڊرائنگ پروجيڪٽ کي وڌائڻ جي به هدايت ڪئي جڏهن ته مرچن جي هارين لاءِ سولر سرن ڊرائير جي استعمال کي به فروغ ڏنو وڃي.

ڄام ڪمال خان چيو ته فريز ڊرائنگ ۽ اسپري ڊرائنگ ٽيڪنالاجيز سان زرعي شين جي ويليو ايڊيشن ۽ ايڪسپورٽ ۾ اضافو ٿيندو، جڏهن ته هن پي ايڇ ڊي اي سي کي صوبائي هارٽي ڪلچر ايڪسپوز ۽ فوڊ انڊس نمائشن ۾ به سرگرم حصو وٺڻ جي هدايت ڪئي ۽ ايگزم بئنڪ کي ننڍي ايگرو پروسيسنگ يونٽن جي فنانسنگ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment