مشهور سوشل ميڊيا يوٽيوب علي حيدرآبادي کي اڳوڻي زال تي مبينا تشدد جي ڪيس ۾ عدالت مان عارضي رليف ملي ويو آهي. ايڊيشنل سيشن جج سندس عبوري ضمانت منظور ڪندي پوليس کي 14 جولاءِ تائين گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، عدالت پنهنجي حڪم ۾ علي حيدرآباد کي به هدايت ڪئي آهي ته هو جاچ ۾ مڪمل سهڪار ڪري ۽ پوليس آڏو پيش ٿئي. جڏهن ته ايندڙ ٻڌڻي تائين کيس گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم پڻ جاري ڪيو ويو آهي. اڳوڻي زال جي فرياد تي علي حيدرآباد خلاف مبينا تشدد جو ڪيس داخل ڪيو ويو. گرفتاري جي خدشي کي نظر ۾ رکندي سيشن ڪورٽ پهچي عبوري ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪئي، جيڪا عدالت منظور ڪندي سمورن ڌرين کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اهو معاملو ان وقت عوام جي ڌيان ۾ آيو جڏهن سوشل ميڊيا تي هڪ لائيو وڊيو وائرل ٿي، جنهن ۾ علي حيدرآبادي پنهنجي زال کي طلاق ڏيندي اهو چئي رهيو هو ته هو ڪڏهن به ان جو منهن ٻيهر ڏسڻ نٿو چاهي. ان کان پوءِ سندس گهرواري زينب علي هڪ وڊيو پيغام جاري ڪيو، جنهن ۾ هوءَ پريشان نظر اچي رهي هئي جڏهن ته سندس هٿ به پٽين سان بند ٿيل هئا. زينب الزام هنيو ته گذريل ٽن سالن کان هوءَ جسماني تشدد ۽ ذهني اذيت کي منهن ڏئي رهي آهي. هن پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز کي به ان معاملي ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي. ٻئي طرف علي حيدري هٿ ۾ قرآن پاڪ جهلي پنهنجي مٿان لڳايل سمورن الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته هن وڊيو وضاحت لاءِ جاري ڪئي آهي ۽ مٿس لڳايل الزام بي بنياد آهن. بعد ۾ زينب علي هڪ ٻي وڊيو ۾ پنهنجي مڙس جي موقف کي رد ڪندي دعويٰ ڪئي ته ٻنهي وچ ۾ طلاق ٿي چڪي هئي. هن اهو به الزام لڳايو ته علي حيدرآبادي مختلف ڇوڪرين کي شهرت ۽ نئين شادي لاءِ پنهنجي جال ۾ ڦاسائي ٿو.
Source link

ٽڪ ٽاڪ ڪندڙ علي حيدرآبادي کي اڳوڻي زال تي تشدد ڪيس ۾ عارضي رليف ملي ويو
Leave a Comment Leave a Comment

