لاهور ۾ گلشن اقبال پوليس ون فائيو ڪال تي ڪارروائي ڪندي يونيورسٽي جي شاگردياڻي سان بدتميزي ڪندڙ رڪشا ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس موجب شاگردياڻي امتحان ڏيڻ لاءِ رڪشا ۾ سوار ٿي هئي، پر ڊرائيور کيس مقرر منزل ڏانهن وٺي وڃڻ بدران ويران گهٽي ۾ کڻي ويو. شاگردياڻي موجب هوءَ بار بار ڊرائيور کي امتحان لاءِ وقت تي پهچائڻ جي درخواست ڪندي رهي، جنهن تي جوابدار مبينه طور تي چيو ته هوءَ امتحان کان پوءِ ساڻس گڏ هلندي، پوءِ ئي کيس آزاد ڪيو ويندو.
پوليس جو چوڻ آهي ته امتحان مڪمل ٿيڻ کانپوءِ شاگرد جوابدار امجد کي ٻيهر فون ڪيو ۽ پوليس کي به اطلاع ڏنو. اطلاع تي گلشن اقبال پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. واقعي بابت شاگردياڻي جي والد جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ لاءِ ڪيس انويسٽيگيشن ونگ حوالي ڪيو ويو آهي.
ايس پي اقبال ٽائون سدرا خان جوابدارن جي گرفتاري تي گلشن اقبال پوليس جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته عورتن کي هراسان ڪندڙ عنصرن خلاف سخت قانوني ڪارروائي جاري رهندي ۽ اهڙن ماڻهن کي جيل موڪليو وڃي.


