اسلام آباد؛ اڳوڻي سفير اياز وزير جي ڌيءَ ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿي وئي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


اسلام آباد:

اڳوڻي سفير اياز وزير جي ڌيءَ ريان وزير ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿي وئي.

ذريعن موجب افسوسناڪ واقعو پريڊ گرائونڊ ميٽرو اسٽيشن ويجهو پيش آيو، جتي تيز رفتاري سبب سوزوڪي سوفٽ ڪار بي قابو ٿي فوٽ پاٿ تي ڪري پئي.

شروعاتي اطلاعن موجب گاڏي هلائيندڙ عورت موقعي تي ئي فوت ٿي وئي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته گاڏي نمبر سي بي 214 اياز خان جي نالي تي رجسٽرڊ آهي.

ريسڪيو اهلڪارن لاش کڻائي پمز اسپتال پهچايو، جڏهن ته پوليس حادثي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment