اسلام آباد:
بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي عيد الاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي عيد الاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني ۽ ملڪ ۽ قوم لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم جي مبارڪباد تي شڪريو ادا ڪيو ۽ کيس عيد جي مبارڪباد پڻ ڏني.
ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران ملڪي سياسي صورتحال ۽ ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳالهه ٻولهه خوشگوار ماحول ۾ ٿي ۽ گڏيل مشاورت جو عمل جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
ٻنهي اڳواڻن قومي اتحاد، سياسي استحڪام ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي به زور ڏنو.


