شاهه لطيف پوليس ۾ مبينا مقابلي ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو، جڏهن ته ٻيو جوابدار فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا، جوابدارن جي فائرنگ ۾ 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، مارجي ويل جوابدارن وٽان هٿيار، ڪار ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي.
آچر جي صبح نيشنل هاءِ وي گرين پارڪ سٽي ويجهو شاهه لطيف ٽائون پوليس سان مبينا مقابلي ۾ 40 ورهين جو ڌاڙيل مارجي ويو.
ڪراچي پوليس ترجمان موجب زخمين ۾ پوليس ڪانسٽيبل غلام عباس ولد 40 ورهين جو غلام رسول ۽ 38 ورهين جو زبير احمد ولد مختيار احمد شامل آهن.
ايس ايڇ او شاهه لطيف انسپيڪٽر ممتاز مروت جو چوڻ هو ته مقتول ڌاڙيل وٽان مليل سڃاڻپ ڪارڊ ذريعي سندس سڃاڻپ 40 ورهين جي قيصر خان ولد افسر خان جي نالي سان ٿي آهي، پر بائيو ميٽرڪ ذريعي به سڃاڻپ ڪئي ويندي.
جوابدار وٽان مليل سڃاڻپ ڪارڊ جي ايڊريس موجب لانڍي نيو مظفر آباد ڪالوني ضلعي ملير جو رهواسي هو، جڏهن ته سندس اباڻي تعلقي خيبرپختونخواهه جي ضلعي مردان سان هو.
مارجي ويل جوابدار وٽان هڪ پستول، گوليون، موبائيل فون، نقدي ۽ سفيد ڪرولا آلٽس ڪار هٿ ڪئي وئي، جوابدار جو رڪارڊ واضح آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.


