تهران: ايران آبنائے هرمز ۾ غير ملڪي فوجين جي موجودگي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي خبردار ڪيو آهي ته هي حساس آبي گذرگاهه ڪنهن به پرڏيهي طاقت جي فوجي مظاهرن جي جاءِ نه بڻجي سگهي.
ايران جي نائب پرڏيهي وزير قانوني ۽ بين الاقوامي معاملن واري وزير ڪاظم غريب آبادي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آبنائے هرمز جي حفاظت صرف ايران ۽ عمان جي ذميواري آهي ان ڪري ڪنهن به پرڏيهي فوجي حرڪت کي قابل قبول نه سمجهيو ويندو.
هن چيو ته ايران هن اهم آبي گذرگاهه جو ذميوار ۽ سلامتي جو ضامن ملڪ آهي، تنهن ڪري خطي ۾ ڪنهن به قسم جي غير ضروري فوجي ڪارروائي کان پاسو ڪيو وڃي.
ايراني بيان هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر ۽ فرانس جي صدر ايمانوئيل ميڪرون هڪ گڏيل بيان ۾ آبنائے هرمز کي عالمي معيشت لاءِ اهم سامونڊي رستو قرار ڏيندي چيو آهي ته سمورن ملڪن جي جهازن جي محفوظ گذرڻ کي يقيني بڻائڻ عالمي برادري جي گڏيل ذميواري آهي.
ٻنهي اڳواڻن اهو به چيو ته عمان پنهنجي علائقائي پاڻين ۾ محفوظ شپنگ کي يقيني بڻائڻ لاءِ برطانيه ۽ فرانس سان تعاون ڪندو، جڏهن ته ضرورت پوڻ تي برطانيه ۽ فرانس ملٽي نيشنل فوجي مشنز ذريعي سامونڊي ٽريفڪ جي حفاظت لاءِ تيار آهن.
ٻئي طرف ايراني خبر رساں ايجنسي فارس موجب تازي بحري معلومات ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عمان جي ساحل جي ويجهو آبنائے هرمز پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ 8 ڪمرشل جهازن کي پوئتي موٽايو ويو.
عالمي ميڊيا رپورٽن موجب ڪجهه آئل ٽينڪر ۽ مال بردار جهاز آبنائي هرمز جي داخل ٿيڻ کان پوءِ اوچتو پوئتي موٽي ويا، جڏهن ته ايراني اختيارين جي هدايتن تي ڪجهه جهازن پنهنجو سامونڊي رستو تبديل ڪيو.
ياد رهي ته ايران فيبروري جي آخر ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل ڪارروائي کانپوءِ آبنائے هرمز ۾ اسرائيلي يا آمريڪي جهازن جي آمد و رفت تي سخت پابنديون لاڳو ڪيون هيون، جنهن کانپوءِ دنيا جون نظرون هن اهم عالمي آبي گذرگاهه جي صورتحال تي لڳل آهن.
ماهرن موجب آبنائي هرمز دنيا ۾ تيل ۽ گيس جي واپار جي اهم ترين رستن مان هڪ آهي، تنهنڪري اتي ڪنهن به ڇڪتاڻ جو فوري اثر عالمي توانائي مارڪيٽن ۽ معيشت تي پئجي سگهي ٿو.


