اليڪشن ڪميشن ڪي پي ڪي جي سينيٽ جي ضمني چونڊ 23 اپريل تي ملتوي ڪري ڇڏي آهي.
چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ خيبرپختونخواهه ۾ سينيٽ جي خالي ٿيل سيٽ تي ضمني چونڊ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته مراد سعيد سينيٽ اليڪشن ۾ چونڊجي ويو پر هن اڃا تائين حلف نه کنيو آهي، جڏهن ميمبر حلف نه کنيو آهي ته سندس سيٽ ڪيئن خالي ٿي سگهي ٿي؟
وڪيل چيو ته آئين جي آرٽيڪل 59 تحت اها سيٽ ڪيتري دير تائين خالي سمجهي ويندي، ان معاملي تي آئين خاموش آهي، جيڪڏهن آئين ان معاملي تي خاموش آهي ته پوءِ اهو آئيني خال آهي، اليڪشن ڪميشن ان سيٽ تي ڪيئن چونڊ ڪرائي سگهي ٿي.
درخواست مسلم ليگ ن جي ميمبر صوبائي اسيمبلي جلال خان طرفان داخل ڪئي وئي آهي.
اليڪشن ڪميشن 23 اپريل تي ٿيندڙ ضمني چونڊ ملتوي ڪندي اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ سمورن اميدوارن ۽ سياسي پارٽين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.


