اسلام آباد ۾ ايراني گهرو وزير محسن نقوي جي ملاقات، وفدن جي سطح تي ڳالهيون

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


اسلام آباد ۾ ايران جي گهرو وزير اسڪندر مومني سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ملاقات ڪئي.

گهرو وزارت پهچڻ تي محسن نقوي ايراني هم منصب جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو، فيڊرل ڪانسٽيبلري جي هٿياربند فوجن ايراني گهرو وزير کي سلامي ڏني.

ان موقعي تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون پڻ ٿيون، ٻنهي گهرو وزيرن ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل واپار کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ علائقائي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

پاڪستان ۽ ايران دهشتگردي ۽ منشيات جي خاتمي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، غير قانوني اميگريشن ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

ٻنهي ملڪن افغان سرحد تان منشيات ۽ دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ گڏيل موقف اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، جڏهن ته ٻه طرفي سهڪار وڌائڻ لاءِ رابطا بهتر بڻائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.

محسن نقوي چيو ته پاڪستان ايران سان سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ تيار آهي، ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ ايراني گهرو وزير اسڪندر مومني امن لاءِ غير معمولي ڪم ڪيو. اميد آهي ته جلد خوشخبري ملندي ۽ امن قائم ٿيندو.

ايراني وفد ۾ گورنر جنرل سيستان بلوچستان، گهرو وزير، شهري ترقي ۽ ٽرانسپورٽ جو نائب وزير، نيشنل ايراني آئل ڪمپني جو سربراهه، زراعت واري وزير جو خاص نمائندو ۽ ٻيا اعليٰ عملدار شامل هئا.

ان موقعي تي مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري، وفاقي گهرو سيڪريٽري، چيئرمين نادرا، ڊي جي ايف آءِ اي، ڊي جي اينٽي نارڪوٽڪس فورس، آءِ جي فيڊرل ڪانسٽيبلري، ڊي جي اين سي سي آءِ اي، ڊي جي اميگريشن اينڊ پاسپورٽ، چيئرمين سي ڊي اي، آءِ جي اسلام آباد پوليس ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري گهرو پڻ ان موقعي تي موجود هئا.





Source link

Share This Article
Leave a Comment