ڪراچي:
وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتو.
ايڪسپريس نيوز موجب وزيراعظم جي ڪراچي آمد جي موقعي تي سنڌ جي گورنر نهال هاشمي ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پي اين ايس قاسم تي سندس آجيان ڪئي.
ڪراچي جي دوري دوران وزيراعظم پاڪستان نيول اڪيڊمي پي اين ايس رہبر ۾ منعقد ٿيندڙ 125هين مڊشپ مين ۽ 33هين شارٽ سروس ڪميشن (ايس ايس سي) ڪورس جي پاسنگ آئوٽ تقريب ۾ بطور خاص شرڪت ڪندو.
ڪراچي جي دوري دوران بچاءَ وارو وزير خواجه محمد آصف ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ به وزيراعظم سان گڏ آهن.


