لال چوڪ سرينگر جي هڪ ڪشميري شهري پنهنجي وڊيو پيغام ۾ پاڪستان جي فوجي قيادت لاءِ نيڪ خواهشن ۽ حمايت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي فوجي قيادت ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگ بندي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جا عوام کين خراج تحسين پيش ڪن ٿا.
پنهنجي بيان ۾ شهري جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي تي به تنقيد ڪئي ۽ الزام هنيو ته اها تنظيم ڀارتي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي.
هن چيو ته ٻاهرين طاقتن جي مفادن لاءِ سرگرم عنصرن خلاف موثر ڪارروائي جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته کيس يقين آهي ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير والاريل ڪشمير جي عوام جي آواز جي حمايت جاري رکندو.
مبصرن موجب اهو بيان خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ مختلف سياسي ۽ سماجي گروهن جي ڪردار جي حوالي سان جاري بحث جو حصو آهي.
والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي هڪ شهري پاڪستان جي فوجي قيادت سان محبت جو اظهار ڪيو آهي. والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي شهرين مطالبو ڪيو آهي ته پابندي مڙهيل جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
سرينگر جي لال چوڪ مان ڪشميري شهري جو وڊيو پيغام. آمريڪا-ايران امن معاهدي جي پويان پاڪستان جي فوجي قيادت. pic.twitter.com/dsfaAYnEyY– پي ٽي وي نيوز (@PTVNewsOfficial) جون 23، 2026


