آسٽريلوي ٽيم مئنيجر جو پاڪستاني ٽيم جي ڊريسنگ روم جو دورو، عيد الاضحيٰ جون مبارڪون

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


پاڪستان جي دوري تي آيل آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي مئنيجر ڪيٿرين وائيٽمين پاڪستاني ٽيم جي ڊريسنگ روم پهچي کين عيد الاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مئنيجر نويد اڪرم چيما ڪيٿرين وائٽمين جو استقبال ڪيو.

ڪيٿرين وائٽمين پاڪستاني اسڪواڊ کي عيد الاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

آسٽريلوي ٽيم مئنيجر به ڪپتان شاهين شاهه آفريدي کي مٺائي پيش ڪئي.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ اڄ راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment