مسلسل تڪرارن ۾ گھري آئي پي ايل ۾ هڪ ٻيو نئون تڪرار سامهون اچي ويو آهي.
آءِ پي ايل جي موجوده سيزن ۾ ميچ فڪسنگ جي گونج ٻڌڻ ۾ اچڻ شروع ٿي وئي آهي، جنهن جي شروعاتي سيزن کان ئي ميچ فڪسنگ ۽ ڪاري جادو سميت ڪيترائي وڏا اسڪينڊل سامهون اچي چڪو آهي.
ڪالهه سومر ڏينهن سن رائزرز حيدرآباد ۽ پنجاب ڪنگز وچ ۾ کيڏيل ميچ ۾ ٽي انتهائي آسان ڪيچ ڊاهي پٽ ٿيڻ کانپوءِ شڪ پيدا ٿيڻ لڳا.
سوشل ميڊيا صارفين ان کي ميچ فڪسنگ قرار ڏيندي چيو ته اسان کي خبر آهي ته اهو فڪس آهي پر گذريل سيزن ۾ رانديگرن بهتر پرفارم ڪيو هو.
صارفين جو چوڻ آهي ته اهي هدايتون رانديگرن کي ڏنيون ويون آهن ڇو ته انتظاميا وڌيڪ اسڪورنگ ميچون چاهي ٿي.
واضح رهي ته آءِ پي ايل جي موجوده سيزن ۾ ڪارو جادو، چائلڊ ليبر، ڊريسنگ روم ۾ تماڪ ڇڪڻ جهڙا شرمناڪ تڪرار سامهون اچي چڪا آهن.


