اسلام آباد:
صدر آصف زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ 75 سال اڳ شروع ٿيل سفر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ ۾ تبديل ٿي ويو آهي. پاڪستان چين جي بنيادي قومي مفادن ۽ ون چائنا پاليسي جي حمايت ڪري ٿو. گوادر بندرگاهه جي تعمير چين جو پاڪستان لاءِ وڏو تحفو آهي.
هن اها ڳالهه پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي اسلام آباد ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي جنهن ۾ چيني ۽ پاڪستاني عملدارن شرڪت ڪئي.
تقريب کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته 75 سال اڳ شروع ٿيل سفر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، پاڪستان ۽ چين هميشه هڪ ٻئي جي بنيادي مفادن جو دفاع ڪيو آهي، چين سان دوستي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ستون آهي.
هن چيو ته ترقي حاصل ڪرڻ پاڪستان ۽ چين جو گڏيل خواب آهي. پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن کي عوامي، سياسي ۽ ادارتي حمايت حاصل آهي. چين جي صدر شي جن پنگ جي اڳواڻي ۾ اهي لاڳاپا بلندين تي پهچي ويا. پاڪستان چين جي بنيادي قومي مفادن ۽ ون چائنا پاليسي جي حمايت ڪري ٿو.
صدر زرداري چيو ته گوادر بندرگاهه جي تعمير چين جو پاڪستان لاءِ وڏو تحفو آهي.
عالمي ترقي، سيڪيورٽي ۽ گورننس تي چين جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. مان سال ۾ ٻه ڀيرا چين ويندو هوس.
امن، ترقي ۽ خوشحالي لاء دعا.


