وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ امن معاهدي جي مسودي تي اتفاق ٿي ويو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف سوشل ميڊيا سائيٽ ايڪس تي ايران آمريڪا ڊيل تي معاهدي جو اعلان ڪيو ۽ آمريڪي صدر ٽرمپ، نائب صدر جي ڊي وينس، مارڪو روبيو، اسٽيو ويٽڪوف ۽ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي کي ٽيگ ڪيو.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ثالثي جي ڪوششن دوران امن معاهدي کي سبوتاز ڪرڻ چاهيندڙن جي ناڪاري مهم کان آگاهه آهي، شور کي نظرانداز ڪري هو ان ڳالهه جي تصديق ڪري سگهي ٿو ته امن معاهدي جي حتمي مسودي تي اتفاق ٿي ويو آهي.
شهباز شريف چيو ته پاڪستان ايندڙ قدمن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ پارٽين سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ يقين آهي ته امن ڪڏهن به ايترو ويجهو نه رهيو آهي جيترو هاڻي آهي.
پاڪستان پاران جاري شديد ثالثي جي ڪوششن جي وچ ۾، اسان مڪمل طور تي ڄاڻون ٿا ته مسلسل غلط معلومات جي مهم کي هلائي رهيا آهن جيڪي امن معاهدي کي سبوتاز ڪرڻ چاهيندا آهن. شور کي هڪ طرف رکي، اسان تصديق ڪري سگهون ٿا ته هڪ حتمي، اتفاق سان امن معاهدي جي متن تي پهچي ويو آهي ۽ …
– شهباز شريف (@CMShehbaz) 12 جون 2026


