گلگت بلتستان اسيمبلي جي پهرين اجلاس ۾ پيپلز پارٽيءَ جو اميدوار امجد حسين ايڊووڪيٽ بنا مقابلي گلگت بلتستان جو وڏو وزير چونڊجي ويو.
گلگت بلتستان اسيمبلي جي پهرين اجلاس ۾ پيپلز پارٽيءَ جو نامزد اميدوار امجد حسين ايڊووڪيٽ بنا مقابلي وڏو وزير چونڊجي ويو، جنهن تي ميمبرن کيس مبارڪباد ڏني ۽ سندس آجيان ڪئي.
ان کان اڳ عمران نديم اسپيڪر ۽ مسلم ليگ ن جو ڪفايت الله ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويو هو.
پيپلز پارٽي کي 33 رڪني ايوان ۾ 28 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي. گلگت بلتستان اسيمبلي جي پهرين اجلاس ۾ 30 ميمبرن حلف کڻي ورتو. 33 رڪني گلگت بلتستان اسيمبلي 24 جنرل سيٽن تي مشتمل آهي، 6 مخصوص سيٽون عورتن لاءِ ۽ 3 مخصوص سيٽون ٽيڪنوڪريٽ ۽ پروفيشنلز لاءِ آهن.
جيتوڻيڪ سموريون 9 مخصوص سيٽون الاٽ ڪيون ويون آهن، اليڪشن ڪميشن هن وقت تائين 24 جنرل سيٽن مان 21 جي نتيجن جو نوٽيفڪيشن ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان نوٽيفڪيشن ميمبرن جو ڪل انگ 30 ٿي ويو آهي.
ان وقت ايوان ۾ پارٽي پوزيشن به واضح ٿي وئي، جنهن موجب پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جون 13 سيٽون آهن، جن ۾ 9 جنرل، 3 عورتون، 1 ٽيڪنوڪريٽ شامل آهن.
اهڙي طرح پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ايوان ۾ 9 سيٽون آهن، جن ۾ 6 جنرل، 2 عورتون، 1 ٽيڪنوڪريٽ، 6 سيٽون آهن، استحڪام پاڪستان پارٽي وٽ 6، 4 جنرل، 1 عورت، 1 ٽيڪنوڪريٽ، جڏهن ته مجلس وحدت المسلمين وٽ 1 جنرل سيٽ، پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار کي 1 جنرل سيٽ حاصل آهي.
ديامر ۽ اسڪردو جي ٽن جنرل سيٽن جا نتيجا قانوني ۽ اليڪشني ڪارروائي سبب اڃا تائين نه اچي سگهيا آهن.
اسپيڪر نذير احمد ايڊووڪيٽ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وڏي وزير لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي نامزد ڪيل 33 ميمبرن واري ايوان ۾ پيپلز پارٽي، مسلم ليگ ن ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي جي 28 ميمبرن جي حمايت حاصل هئي.


