حب ڪئنال ۾ غسل ڪرڻ تي پابندي، 35 جوابدار گرفتار، ڪيس داخل

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي ضلعي انتظاميا ۽ پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته هو حب ڪئنال ۾ غسل ڪرڻ تي پابندي تي عملدرآمد جي سخت نگراني ڪن. ڪمشنر ڪراچي آفيس پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ڊپٽي ڪمشنر ڪراچي ۾ پابندي تي عملدرآمد بابت رپورٽ ڪمشنر کي جمع ڪرائي ڇڏي آهي. رپورٽ موجب منگهو پير پوليس حڪومتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري رهي آهي، 35 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتار ٿيلن خلاف قلم 188 پي پي سي تحت ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. سڀني شهرين کي سختي سان خبردار ڪيو ويو آهي ته اهي ڪئنال واري علائقي ۾ گهمڻ، غسل ڪرڻ، ترڻ يا گڏ ٿيڻ کان پاسو ڪن. بغير ڪنهن رعايت جي سمورن خلاف ورزي ڪندڙن خلاف فوري قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. هينڊ آئوٽ ذريعي شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو حب ڪئنال تي غسل ڪرڻ کان پاسو ڪن، والدين کي به چيو ويو آهي ته هو پنهنجي ٻارن تي نظر رکن ۽ کين ڪئنال ڏانهن وڃڻ کان روڪين ته جيئن ڪنهن به اڻوڻندڙ ​​واقعي ۽ قانوني ڪارروائي کان بچي سگهجي. قدمن جا تفصيل هن ريت آهن. ايف آءِ آر نمبر 333 تحت 188/34 ڪل 12. ايف آءِ آر نمبر 335 تحت 188/34 ڪل فرد 15. ايف آءِ آر نمبر 336 تحت 188/34 ڪل فرد 08. ايف آءِ آر نمبر 334 تحت 188/34 ڪل فرد 13



Source link

Share This Article
Leave a Comment