ايران آمريڪا سان جنگبندي جو معاهدو ٿيڻ بعد پهرين جولاءِ کان گڏيل عرب امارات سان هوائي سفر بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
عالمي خابرو اداري موجب اهڙو اعلان ايران جي سول ايوي ايشن آرگنائيزيشن جي سربراهه ماجد اخوان هڪ بيان ۾ ڪيو.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته ايران ۽ يو اي اي وزارت هوائي اڏي جي اختيارين سمورا ضروري ٽيڪنيڪل ۽ انتظامي پرمٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن ۽ اڏامون ٻيهر شروع ڪرڻ ۾ رڪاوٽون هٽايون ويون آهن.
ايراني سول ايوي ايشن جي سربراهه وڌيڪ چيو ته شروعاتي مرحلي ۾ تهران ۽ دبئي جي وچ ۾ صرف ايراني ايئر لائنز پروازون هلائينديون. بعد ۾ امارات ۽ ٻين بين الاقوامي ايئر لائنز کي به ضروري انتظام مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ان رستي تي اڏامڻ جي اجازت ڏني ويندي.
ايراني اختيارين موجب ٻين عالمي هوائي رستن جي بحالي تي به غور ڪيو پيو وڃي پر ان بابت حتمي فيصلو قومي سلامتي ۽ لاڳاپيل حڪومتي ادارن جي منظوري کانپوءِ ڪيو ويندو.
ٻئي طرف دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ دبئي ايئرپورٽس به مسافرن کي هدايت ڪئي آهي ته هو لاڳاپيل ايئر لائنز سان پنهنجي اڏام جي تازي صورتحال چيڪ ڪن.
بيان ۾ ان امڪان جو به اشارو ڏنو ويو آهي ته خطي ۾ امن امان جي صورتحال سبب ڪجهه عالمي رستن جي شيڊول ۾ تبديلي اڃا به ممڪن آهي.
ياد رهي ته اسرائيل سان آمريڪا جي تازي جنگ کانپوءِ ايران سيڪيورٽي خدشن سبب پنهنجي فضائي حدن جو وڏو حصو ۽ ڪيتريون ئي بين الاقوامي اڏامون عارضي طور تي معطل ڪري ڇڏيون هيون، جيڪي هاڻي سيز فائر کانپوءِ آهستي آهستي بحال ڪيون پيون وڃن.


