اداڪارا مشي خان مولانا طارق جميل جي ٻار کي هٿ نه لڳائڻ واري وڊيو وائرل ٿيڻ تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي.
مشي خان چيو ته طارق جميل جي ٻار سان هٿ ملائڻ کان انڪار جي وڊيو ڏسي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو.
مشي خان چيو ته مولانا طارق جميل جي چوڻ تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا پر جيڪڏهن هو پاڻ انهن ڳالهين تي عمل نه ڪندو ته اهو تمام غلط مثال قائم ڪندو.
اداڪارا جو چوڻ هو ته مون گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ هڪ وڊيو ڏٺي جنهن ۾ مولانا طارق جميل سان ٽرانسجينڈر ۽ ڊانسر مهڪ ملڪ ڏاڍي شفقت سان ملاقات ڪئي، سندن مٿي تي هٿ رکي کين ملاقات جو وقت ڏنو. اهڙي طرح، جيڪڏهن توهان هڪ ٻار سان ملن ها ته ڇا ٿيندو؟


