ڪراچي:
شهر قائد ۾ ايندڙ 3 ڏينهن دوران گرم ۽ خشڪ موسم جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي جي ارلي وارننگ سينٽر هيٽ الرٽ جاري ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 34 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.
شهر ۾ نمي جو تناسب 55 کان 65 سيڪڙو رهي سگهي ٿو، جڏهن ته سامونڊي هوائن سان گڏ الهندي هوائون به هلي سگهن ٿيون.
ان کان علاوه صوبي جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم، خشڪ ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.
صوبي جي وچ ۽ مٿانهين علائقن ۾ گرمي جي لهر 11 مئي تائين برقرار رهندي، ان جي اثر هيٺ شهيد بينظير آباد، گهوٽڪي، خيرپور، نوشهروفيروز، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽ سکر جي ضلعن ۾ اڄ ڏينهن انتهائي گرم رهندو.
مٿين علائقن ۾ پارو 47 کان 49 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي. سخت گرمي سبب ماڻهن خاص ڪري ٻارن، عورتن ۽ بزرگ شهرين کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته شهري ڏينهن دوران سج جي سڌي گرمي ۾ گهرن مان ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪن ۽ پاڻي جو وڌيڪ استعمال ڪن.


