راولپنڊي:
عدالت ڪرپشن ڪيس ۾ 5 جوابدارن کي 10، 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
ايڪسپريس نيوز موجب راولپنڊي جي خاص عدالت (وچ) ايف آءِ اي ڪرپشن ڪيس ۾ اهم فيصلو ٻڌائيندي ڪرپشن ڪيس ۾ ملوث 5 جوابدارن کي مختلف شقن تحت قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
جوابدارن ۾ ذيشان علي اڪبر، نذر حسين، اشتياق احمد، جهانگير احمد ۽ ثاقب ظهير شامل آهن، جن کي سزا ٻڌائي وئي آهي.
ڪرپشن روڪٿام ايڪٽ 1947 جي سيڪشن 5(2) تحت سمورن جوابدارن کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. سيڪشن 161 پي پي سي تحت هر جوابدار کي 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. سيڪشن 162 پي پي سي تحت هر هڪ جوابدار کي 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي ۽ سيڪشن 163 پي پي سي تحت هر ملزم کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
عدالت سموريون سزائون هڪ ئي وقت هلائڻ جو حڪم ڏيندي جوابدارن کي قلم 382 بي جو فائدو به ڏنو. عدالت جوابدارن کان وصول ڪيل 1 ڪروڙ 4 لک 75 هزار رپيا به ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو. پنجن ئي ڏوهارين وٽان ڦر ڪيل رقم هٿ ڪئي وئي.
اسپيشل جج (سينٽرل) اولپنڊي عبدالرحمان محمد عارف سمورن جوابدارن کي فوري طور سينٽرل جيل راولپنڊي منتقل ڪرڻ جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
واضح رهي ته اهو ڪيس ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل اسلام آباد ۾ داخل ڪيو ويو هو.


