حڪومت پيٽرول تي ليوي گھٽائي ۽ ڊيزل تي وڌائي ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


حڪومت اڄ کان پيٽرول تي ليوي ۾ گهٽتائي ۽ ڊيزل تي واڌ ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب پيٽروليم ڊويزن جي دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته پيٽرول تي ليوي ۾ 9 رپيا 24 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول تي ليوي 116 رپيا 8 پيسا بدران 106 رپيا 24 پئسا ٿي وئي آهي.

پيٽروليم ڊويزن جو چوڻ آهي ته ڊيزل تي ليوي ۾ 8 رپيا 67 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن سان ڊيزل تي ليوي 44 رپيا 59 پئسا کان وڌي 53 رپيا 26 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.

ان کان علاوه گاسليٽ تي ليوي 20 رپيا 36 پئسا في ليٽر برقرار آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment