راولپنڊي:
محبت جي شادي کانپوءِ غيرت جي نالي تي قتل ڪيل سدرا بي بي جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.
پوليس ڪيس ۾ اينٽي ٽيررازم ايڪٽ جي سيڪشن 7 اي ٽي اي جو اضافو ڪيو آهي، جنهن بعد ڪيس کي سيشن ڪورٽ مان دهشتگردي ٽوڙ عدالت منتقل ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب ڪيس ۾ جرڳي جي سربراهه ۽ اڳوڻي وائيس چيئرمين يونين ڪائونسل عصمت الله کي ٻيهر گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ان حوالي سان مقتول جي پيءُ، ڀاءُ، سسر ۽ چاچي کي به ٻيهر گرفتار ڪيو ويندو.
ان کان علاوه قبرستان جي نگران، مڙهه کي قبرستان پهچائڻ واري سيڪريٽري ۽ ڊرائيور کي ٻيهر گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سمورن جوابدارن جي ٻيهر گرفتاري لاءِ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ درخواستون داخل ڪيون وينديون. جوابدار ٻيهر گرفتاري ۽ نئين جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي خوف سبب روپوش ٿي ويا آهن.
ڊسٽرڪٽ پراسيڪيوشن ۽ ليگل برانچ ڪيس ۾ دهشتگرديءَ جون دفعات شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي اڄ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو جج امجد علي شاهه ڪندو. پراسيڪيوشن موجب اڳوڻي جاچ کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي، نئين جاچ کانپوءِ نئون چالان عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.
پوليس موجب جوابدارن طلاق کانپوءِ ٻي شادي ڪرڻ لاءِ جرڳي ۾ سدرا بي بي کي قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، جنهن بعد نومبر 2024ع ۾ سدرا بي بي کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو ۽ بعد ۾ لاش وڏي دڪان ۾ بند ڪري قبرستان جي هڪ کڏ ۾ دفن ڪيو ويو.
بعد ۾ جڏهن راز سامهون آيو ته لاش هٿ ڪيو ويو، جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس موجب هنن جاچ دوران ڏوهه جو اعتراف به ڪيو.


