حزب الله آمريڪا، اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ ٽي طرفي معاهدي تي سخت ردعمل ڏنو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب معاهدي تي صحيحون واشنگٽن ۾ اسرائيلي سفير يچيل ليٽر ۽ لبنان جي سفير ندا حماده معواد ڪيون.
لبناني حڪومت جو چوڻ آهي ته معاهدي جو مقصد رياست جي خودمختياري کي مضبوط ڪرڻ ۽ ملڪ جي سمورن علائقن تي لبناني فوج جي اختيار کي بحال ڪرڻ آهي.
جڏهن ته ٻئي طرف حزب الله ان معاهدي کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي. تنظيم جي هڪ سينئر آفيسر خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن لبناني حڪومت طاقت ذريعي حزب الله کي غير مسلح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ملڪ نئين گهرو ويڙهه ڏانهن رخ ڪري سگهي ٿو.
حزب الله جو چوڻ آهي ته ان کي ڳالهين ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي پنهنجا هٿيار ڇڏڻ لاءِ راضي آهن. ڏکڻ لبنان ۾ مرحلن ۾ سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويندا.
اهو ياد رکڻ گهرجي ته معاهدو حزب الله کي غير مسلح ڪرڻ ۽ ان جي فوجي انفراسٽرڪچر کي ختم ڪرڻ لاء هڪ فريم ورڪ ٺاهي ٿو. گڏيل فوجي ڪوآرڊينيشن گروپ ٺاهڻ کان علاوه آمريڪا لبنان کي 100 ملين ڊالر جي انساني امداد به ڏيندو.


