بلغاريا جي پارليامينٽ آمريڪي فوج کي اختيار ڏنو آهي ته هو ملڪ ۾ هڪ هوائي اڏو استعمال ڪري وچ اوڀر ۾ ممڪن فوجي آپريشن جي حمايت لاءِ.
عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب بلغاريا پارليامينٽ ۾ پيش ڪيل حڪومتي ٺهراءُ جي حق ۾ 136 ميمبر جڏهن ته ووٽ 13 ميمبر مخالفت ۽ 2 ميمبر ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو.
آمريڪا گذريل جمعي تي بلغاريا کي فوجي اڏو استعمال ڪرڻ جي باضابطه درخواست ڪئي، جنهن تي حڪومت اها تجويز پارليامينٽ آڏو پيش ڪئي، جتي ان کي ريفرنڊم ۾ اڪثريتي ووٽ سان منظور ڪيو ويو.
جڏهن ته، معاهدي موجب، آمريڪا بلغاريا ۾ هوائي اڏي تي وڌ ۾ وڌ اٺ KC-135 ايئر ريفيولنگ (ٽينڪر) جهاز ۽ 250 فوجي اهلڪار موڪلڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.
اهي جهاز استعمال ڪيا ويندا وچ اوڀر ۾ آمريڪي هوائي آپريشنن کي ايندھن ۽ لوجسٽڪ مدد فراهم ڪرڻ لاءِ.
پارليامينٽ ۾ بحث دوران ڪجهه ميمبرن خدشو ظاهر ڪيو ته آمريڪي فوج کي سهولت ڏيڻ سان بلغاريا سڌو سنئون ايران سان ممڪن جنگ يا فوجي تڪرار ۾ ملوث ٿي سگهي ٿو، جنهن جا ملڪ لاءِ سفارتي ۽ سيڪيورٽي نتيجا ٿي سگهن ٿا.
بهرحال، حڪومت انهن خدشن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ برقرار رکيو ته اهو تعاون نيٽو جي اتحادي هجڻ جي دفاعي ذميوارين جو حصو آهي ۽ ان جو مقصد صرف اتحادي فوجن کي لاجسٽڪ مدد فراهم ڪرڻ آهي.
اهو فيصلو هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران خلاف سخت موقف اختيار ڪيو آهي ۽ هاڻوڪي ڏينهن ۾ وڌيڪ فوجي ڪارروائي جي ڌمڪي ڏني آهي.
ٻئي طرف يورپي يونين جي ڪجهه ميمبر ملڪن آمريڪا کي ايران سان لاڳاپيل فوجي آپريشنز لاءِ پنهنجا هوائي اڏا استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان پاسو ڪيو آهي، جنهن تي صدر ٽرمپ انهن ملڪن تي تنقيد جو سلسلو جاري رکيو آهي.


